اسلامي اڪابر

اسلامي اڪابر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب محمد منير چنا جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي. هن ۾ صفحا 68 آهن ۽ قيمت 12 آنا ڄاڻايل آهي. آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس پهريون ڇاپو، اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1955ع ۾ ڇپايو. هيءُ ڪتاب ستن ڀاڱن ۾ ڇپيو آهي، پر جيڪي دستياب آهن، تن جو تفصيل ڏجي ٿو: اسلامي اڪابر1 (ڪتاب): ڀاڱو ٻيو ڪرائون سائيز ۾ ڪچي جلد سان آهي، جنهن ۾ 111 صفحا آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو آهي. اُن جو ٽيون ڇاپو مسلم ادبي پريس، حيدرآباد مان 1955ع ۾ شايع ٿيو.اسلامي اڪابر 2 (ڪتاب): ڀاڱو چوٿون، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 96 صفحا شامل آهن ۽ قيمت سوا رپيو آهي. ڪتاب جو ڇاپو پهريون، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد مان سال 1955ع ۾ ڇپيو.اسلامي اڪابر3 (ڪتاب): ڀاڱو پنجون، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي ۽ صفحا 100 اٿس. قيمت هڪ رپيو ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، مسلم ادبي پريس حيدرآباد مان 1955ع ۾ ڇپيو. اسلامي اڪابر4 (ڪتاب): ڀاڱون ڇهون، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ صفحا 132 آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد مان سال 1955ع ۾ ڇپيو.اسلامي اڪابر5 (ڪتاب): ڀاڱو ستون، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 188 صفحا آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو اٿس. ڇاپو پهريون، مسلم ادبي سوسائٽي پريس، حيدرآباد مان سال 1955ع ۾ شايع ٿيو. اسلامي اڪابر6 (ڪتاب): هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، پوڪرداس ائنڊ سنز، سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان 1935ع ۾ شايع ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو